گڏيل قومون -10 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش غزه پٽي ??ي مڪمل گهيراءَ تي ا??ته??ئي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته غزه ۾ انساني صورتحال اڳ ئي ا??ته??ئي سنگين هئي، جيڪا وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي. هن نيويار?? ۾ ??ڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحافين کي ٻڌايو ته هو فلسطين جي عوام جي جائز شڪايتن ۽ اسرائيل جي سيڪيورٽي ??دشن کي تسليم ڪري ٿو پر پوءِ به دهشتگردي جي ڪارروائين ۽ شهرين جي قتل ۽ اغوا ??و جواز نه ٿو پيش ڪري سگجي. هن ??نهن ??ملن کي فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ سمورن يرغمالين کي آزاد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هو غزه ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 500 کان وڌيڪ فلسطينين جي شهادت ۽ 3 هزار کان وڌيڪ زخمين جي خبر بابت ا??ته??ئي پريشان آهي. بدقسمتي سان اهو انگ وڌي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اسرائيل جون ڪاروائيون جاري آهن. هن چيو ته هو اسرائيل جي جائز سيڪيورٽي ??دشن کي تسليم ڪري ٿو پر اسرائيل کي اهو به ياد ڏيارجي ٿو ته فوجي آپريشن دوران عالمي انساني قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي.
مڪمل گهيراءَ بعد غزه ۾ انساني صورتحال وڌيڪ تيزي سان خراب ٿيندي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار