رياض -27 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي انصاف ??اري وزارت ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي، ته خلع جي درخواست جي طريقيڪار کي قانوني طريقي سان دستاويزن ذريعي ثبوت ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن مڙس راضي هجي ته عدالتي حڪم جي ضرورت نه آهي. سعودي ميڊيا رپورٽن موجب اهو طريقيڪار ذاتي حيثيت واري قانون جي زمري ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ چيو ويو آهي، ته خلع ڌرين جي گڏيل رضامندي سان جائز آهي، جنهن لاءِ عدالتي فيص??ي جي ضرورت نه آهي. جيڪڏهن مڙس راضي نه هوندو ته درخواست ذريعي عدالت سان رابطو ڪري سگهجي ٿو. انصاف ??اري وزارت موجب 2024ع جي پهرين ٽه ماهي دوران عدا??تن ۾ 36000 کان وڌيڪ خلع ۽ طلاق جا ڪيس داخل ٿيا جن مان وڌيڪ ڪيس مڪي جي عدا??تن ۾ داخل ٿيا.
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون