اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي سان سڀ کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي پهچندو، صوبي جي عوام جي سماجي ۽ اقتصادي بهتري اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه بلوچستان جي وڏي وزير سردار ثناءُ الله خان زهري سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيرا??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته بلوچستان سندس دل جي ويجهو آهي ۽ هو ذاتي طور تي صوبي ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت سڄي ملڪ ۾ ترقياتي ايجنڊا جي سرگرمي سان پيروي ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania