اسلام آباد – 26 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي و??ري وزارت (پاور ڊويزن) بجلي جي ورڇ، رسد، لوڊشيڊنگ ۽ بلنگ جي صورتحال نيٽ ميٽرنگ ۽ ٻي معلومات آن لائين حاصل ڪرڻ لاءِ ”روشن پاڪستان“ جي نالي سان موبائيل ايپليڪشن ج??ري ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته پاور ڊويزن و??ري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغ??ري چيو آهي ته حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ ۽ پيداوار ۾ اضافي جو واعدو ??ورو ڪري ڇڏيو آهي. رهتن جي وصولي ۽ بجلي جي چوري جي روڪٿام لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، لائين لاسز جا انگ اکر به موبائيل ايپ ذريعي حاصل ٿي سگهندا، نئين سسٽم سان صارفين ڊسٽريبيوشن ڪمپنين جي ڪارڪردگي ۽ پنهنجن فيڊرن تان بجلي جي فراهمي جو پاڻ جائزو وٺي سگهندا. آفيسرن کي صارفين آڏ?? جوابده بڻائينداسين. پاور ڊويزن و??ري وزارت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ??ه سوشل ميڊيا تي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڪجهه عنصرن طرفان حڪومت کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ جو شيڊيول ڪجهه هفتا اڳ ئي ڏنو هو ۽ بجلي جي پيداوار ۾ اضافي ۽ موبائيل ايپليڪيشن ج??ري ڪرڻ جو پنهنجو واعدو ??ورو ڪري ڇڏيو آهي.
توانائي واري وزارت پاران روشن پاڪستان نالي سان موبائيل ايپليڪيشن جاري
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم