وڪٽوريا – 09 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پوري دنيا کي غربت، دهشتگردي ۽ بيروزگاري جهڙا مسئلا درپيش آهن، عالمي برادري پارلياماني سفارتڪاري ذريعي انهن گڏيل مسئلن جو حل ڳولي سگهي ٿي. هن اها ڳالهه هتي سيشلز جي گادي واري شهر وڪٽوريا ?? دولت مشترڪه جي اسپيڪرز ڪانفرنس جي 24 هين افتتاحي اجلاس جي موقعي تي چئي. ڪانفرنس ۾ 44 ملڪن جا اسپيڪرز ۽ پرزائيڊنگ آفيسر ش??يڪ آهن. ڪانفرنس جو افتتاح صدر سيشلز ڊيني مينٽر ڪيو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اجلاس ۾ شرڪت جو مقصد اسان کي پنهنجي پارليامينٽن ذريعي خطي کي درپيش عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں