اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي، روينيو ۽ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير ۽ ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي ??ي) جي چيئرمين اسد عمر ڀاڻ جي قيمت ۽ برآمد جي صورتحال تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اهڙن فيصلن ۾ غريب آبادگارن جي مفاد کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هو اي سي ??ي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو جيڪو وزيراعظم سيڪريٽريٽ ۾ ٿيو. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اڳوڻي حڪومت پاران آبادگار برادري جي مفادن جي خلاف ڀاڻ جي قيمت ۽ برآمد جي معاملي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino