اسلام آباد ??? 20 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر کي صوبائي چيف سيڪريٽرين سڄي ملڪ ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ لاڪ ڊائون جي ??ازي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي ??دارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽارگيٽيڊ، سمارٽ لاڪ ڊائون جي ??ورتحال، اين سي او سي ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد، آڪسيجن ۽ سيلنڊر جي ??رآمدم، وبا جي ڏس ۾ اهم طبي اوزارن جي ??روري ڪاٿي بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو. اين سي او سي پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته صوبائي حڪومتون پرائيويٽ ڪارپوريشنز ۽ آفيسن جي لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪن ته سمارٽ لاڪ ڊائون وارن علائقن ۾ رهندڙ ملازمن کي آفيسن مان غيرحاضري تي ڪا سزا نه ڏني ويندي.
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔