لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن سي??سي اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عوام جي مسئلن جي حل لاءِ صرف ميرٽ تي عمل ??يو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب پوليس ۾ سڌارن ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. آءِ جي پنجاب انعام غني وزيراعظم کي پنجاب پوليس جي ڪارڪردگي ?? بهتري آڻڻ جي لاءِ ڪيل سڌارن ۽ قدمن تي بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان آءِ جي پنجاب کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، هن چيو ته عوام جي مسئلن جي حل ۾ صرف ميرٽ تي عملداري ڪئي وڃي، انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ وجهندڙ اهلڪارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، ماضي ?? پوليس ۾ سي??سي ڀرتيون ڪيون ويون جنهن جو نقصان ماڻهن کي ک??ڻو پيو، هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون نه آهي، پوليس ڪنهن سي??سي اثر رسوخ کي ليکي ۾ نه آڻي. ماڻهو توهان مان تڏهن مطئمن ٿيندا جڏهن توهان سڀني سان هڪجهڙو ۽ قانون موجب سلوڪ ڪندا.
ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، پوليس ڪنهن سياسي اثر رسوخ کي خاطر ۾ نه آڻي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں