اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ س??ر جو دورو ڪندو جنهن ۾ اربين روپين جي ميگا ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪيو ويندو، وزيراعظم جي ترجيحي ضلعن ۾ بدين، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار سميت 14 ضلعا شامل آهن، وزيراعظم جي نو??وا?? پروگرام تحت هڪ هزار نو??وا?? 4.8 ارب جو قرض حاصل ڪري سگهندا،ڊجيٽل اسڪل ٽريننگ پروگرام تحت هڪ لک 4 هزار 617 شاگردن کي تربيت فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته 52 سيڪڙو جي اعليٰ تعليم تائين پهچ ممڪن ٿيندي، هڪ لک 30 هزار نو??وا??ن سميت 35 هزار شاگردياڻين کي راندين جي سهولت دستياب ٿيندي.نادرا ، اين آر سيز وسيلي 50 لک مقامي ماڻهو لاڀ پرائيندا. تفصيلن موجب وزيراعظم عمران خان اڄ س??ر ۾ دوري دوران سنڌ جي 14 ترجيحي ضلعن جي لاءِ 446 ارب جي ميگا ترقياتي منصوبي جو اعلان ڪندو ان موقعي تي وزيراعظم سنڌ ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو به جائزو وٺندو، ميگاترقياتي پيڪيج جو محور سنڌ جا پٺتي پيل علائقا ۽ مع??شر?? جا محروم طبقا آهن.انهن ضلعن ۾ بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار، د??دو، جيڪب آباد، خيرپور، ميرپورخاص، نوشهروفيروز، سانگهڙ، شڪارپور، سکر، ٽنڊو محمد خان، شامل آهن. ترقياتي منصوبن تحت 306 ڪلوميٽر سکر – حيدرآباد موٽر وي مان سڄي ملڪ جا مسافر لاڀ پرائي سگهندا. ريلوي اسٽيشنون اپ گريڊ ٿينديون، نجي سيڙپڪاري ايندي ۽ مسافرن کي سهولتون ملنديون. توانائي جي منصوبن سان بجلي چوري ۽ خسارن ۾ گهٽتائي ايندي. 30 هزار ساليانا نوان ڪنيڪشن ڏنا ڏيندا ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ 26 ارب تائين جي اوڳاڙين ۾ اضافو ٿيندو. 1490 ڪلوميٽر انفرااسٽرڪچر جي بحالي سان گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي ممڪن ٿيندي.160 ڳوٺن کي گئس فراهم ڪئي ويندي، جنهن مان 5074 گهراڻا لاڀ پرائيندا.
وزيراعظم عمران خان اڄ سکر جي دوري دوران اربين روپين جي ميگا ترقياتي منصوبن جو اعلان ڪندو
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil