ڪراچي – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ جي اندر جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي، سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف جي هوندي، پي ڊي ا??م جي نالي تي مخالف ڌر هڪ بي ذائقه ڊش تيار ڪئي جنهن کي هي پاڻ به چکي نه ٿا سگهن، اهي سڀ پارٽيون دم ٽوڙيندڙ سياسي تخت نشيني جي ويڙهه جو حصو آهن، ڀان ??تي ڪنبو جوڙيو، ڪٿان جي سرهه ڪٿان جي ريتي، انهن جي صورتحال اها آهي، مخالف ڌر عمران خان کي چئلينج ڏيڻ چاهي ٿي ته اهي پنهنجي گريبان ۾ جهاتيءَ پائين، هن وقت پاڪستان جو ڪو ليڊر آهي اهو عمران خان آهي، اڄ تائين پاڪستان جي ڪنهن ليڊر افغانستان تي ايتري واضح پاليسي ناهي ڏني، اسان ??ارليامينٽ کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان ??ڪ ٻڏل معيشت کي سهارو ڏنو، ايندڙ مالي سال ۾ اسان جي معيشت 6 سيڪڙو تائين ترقي ڪندي، مخالف ڌر اڳواڻ چونڊ سڌارن تي پارليامينٽ کان ??اهر معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو، صاف ظاهر آهي شهباز شريف جو پنهنجي پارٽي تي ڪنٽرول ن?? آهي، ان کي پنهنجي فيصلن جي لاءِ ڪنهن ٻئي جي ڪلهي جو سهارو وٺڻ جي ضرورت هوندي آهي، پارليامينٽ جي بل تي پارليامينٽ جي ٻاهر غي??چو??ڊيل ماڻهن تي دارومدار ڪري پارليامينٽ کي ڪمزور ڪندا ته ان سان جمهوريت ڪمزور ٿيندي، جيڪو پئسو به سنڌ سرڪار جي حوالي ڪيو وڃي ٿو اهو ٻاهرئين ملڪ ??ان ??ڪري ٿو، سنڌ ۾ عام هاريءَ وٽ ته پاڻي نه اچي رهيو آهي پر فريال ٽالپر، آصف زرداري ۽ مراد علي شاهه جي زمينن ۾ پاڻي جو ڪو مسئلو ن?? آهي، هي ماڻهو پاڻ پاڻي چوري ۾ ملوث آهن، ڪامياب جوان ??روگرام ۾ صحافين جي لاءِ خصوصي اسڪيم متعارف ڪرائي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.
سنڌ جي اندر جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil