اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان چين جي سفير نونگ رونگ هت?? ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرف?? لاڳاپن، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير وزيراعظم عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خواهشن ۽ پاڪستان ??ي آزادي جي ڏهاڙي جي م??قع?? تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. وزيراعظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. وزيراعظم عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنه?? ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻ?? لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغانستان جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.
وزيراعظم عمران خان سان چين جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : números quina hoje