اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي?? جنهن تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پر??يهي ناڻو اُماڻيندڙن کي مراعتون ڏنيون وينديون ۽ ان عمل کي هٿي وٺرائي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن آف پاڪستان کي وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي اسٽاڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت لاءِ پاسڪو جي اسٽاڪ مان 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ??راهمي جي ??ڻ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو?? جنهن ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي ايم ڊي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ پر??يهه مان ناڻو اُماڻيندڙ پر??يهه ۾ ترسيل پاڪستانين لاءِ نيشنل ريمينٽس لائيٽي پروگرام جنهن کي سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي تحت ترغيب ۽ انعام ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي. ان پروگرام تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پر??يهه مان اُماڻيل ناڻو پر??يهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي انهن جي اُماڻيل ناڻي مطابق پوائنٽس ڏنيون وينديون. تفصيلي غور ويچار بعد اقتصادي رابطا ڪميٽي سفارشن جي ??وائنٽس تي غور ڪندي ڪيش ادائيگي مستقل طور تي وطن واپس ايندڙ اوورسيز پاڪستانين کي ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻين اوورسيز پاڪستانين کي انهن پوائنٽس جي بنياد تي پي آءِ اي جي ??ڪيٽ ۽ موبائل فون ڊيوٽي جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ قومي ۽ غذائي تحفظ ۽ تحقيق طر??ان يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي ڊسمبر 2021ع تائين 2 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي ??راهميءَ بابت سمري پيش ڪئي. اجلاس کي ٻُڌايو ته عبوري انتظامن تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي اڳ ئي 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ٿي چڪي آهي، وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي اسٽاڪ مان يا مقامي امپورٽ شده ڪڻڪ مان فراهم ڪئي ويندي. ان کان علاوه اي سي سي آزاد ڄمون حڪومت کي ملڪي ۽ امپورٽ شده ڪڻڪ جي ذخيرن مان فراهميءَ جي ??ڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي سمري تي مالي سال 2022ع لاءِ خصوصي ٽيڪ??ال??جي زونز ٺاهڻ جي سلسلي ۾ 6.4 ارب رپين جي ??ني ضمني گرانٽ جي ??نظوري ڏني وئي. اجلاس جي آخر ۾ ناڻي وزارت طر??ان ٽماٽن ۽ بصرن جي ايڪسپورٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي. تفصيلي غور ويچار بعد ناڻي وزير جي ??يادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي. واپار واري وزارت جلد خراب ٿيندڙ شين جي ??اهوار امڪاني پيداوار، کپت ۽ واڌو پيداوار جي حوالي سان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪندي ۽ انهن شين جي ايڪسپورٽ جو فيصلو پڻ ذيلي ڪميٽي ڪندي.
وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس، سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي منظوري
مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن