ڪوئيٽا – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خا?? سوري چيو آهي ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي، بلوچستان ۾ عورتن کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي ح??الي سان مشڪلات?? جو ازالو ڪيو پيو وڃي ۽ عورت اسٽاف تي ٻڌل خصوصي موبائيل ٽيمن سان گڏوگڏ مقامي آفيسن ۾ پڻ عورت اسٽاف جي مقرري کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اها ڳالهه هن نادرا ڊبل روڊ آفيس ۾ عورت اسٽاف تي ٻڌل پهرين موبائيل رجسٽريشن وهيڪل جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نادرا بلوچستا?? جو ڊائريڪٽر جنرل مير عالم خا??، هلال احمر بلوچستا?? جو چيئرمين عبدالباري بڙيچ، پي ٽي آءِ بلوچستان عورت ونگ جي صدر زليخه مندوخيل، پي ٽي آءِ بلوچستا?? جو سيڪريٽري اطلاعات آصف ترين ۽ ٻيا پارٽي عهديدار ۽ نادرا عملدار پڻ موجود هئا. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته احساس پروگرام سميت تصديق ٿيل ڊيٽا مئنيجمينٽ ۾ نادرا جي خدمت?? جو اعتراف عالمي سطح تي ڪيو ويو آهي، نادرا وزيراعظم عمران خا?? جي ويزن موجب عوام کي جديد سهولتن جي فراهمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
قومي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ رجسٽريشن بابت معاملن کي آسان بڻائڻ جي لاءِ نادرا ڊيجيٽلائيزيشن طرف گامزن آهي: قاسم خان سوري
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان