اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي، ??ڪومت پنهنجي ڪامياب حڪمت عملي ۽ ريليف جي ڪري ع??ام تي عالمي سطح جي مهانگائي جو گهٽ کان گهٽ اثر منتقل ٿيڻ ڏنو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار مريم اورنگزيب جي بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته يو اين ايف اي او جي تازي رپورٽ سڀ ڪجهه کولي رکي ڇڏيو آهي، ??المي سطح تي کاڄرو تيل جي قيمتن ۾ 127 سيڪڙو ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي قوم کي هر صورتحال کان آگاهه رکڻ جي نئين روايت قائم ڪئي آهي. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان کي غريب، وچولي ۽ پيڙهيل طبقن جو وڌيڪ فڪر آهي. حڪومت احساس پروگرام متعارف ڪرايو ۽ هن وقت احساس پروگرام تحت 34 سماجي تحفظ جا پروگرام ڪامياب سان هلي رهيا آهن. مملڪتي وزير چيو ته کاڌي پيتي جي شين، ڀاڄين ۽ ٻين کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام جي لاءِ ڏهاڙي جي بنياد ت?? وفاق ۽ صوبن جي سطح تي قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪاش (ن) ليگ ڪڏهن سچ به ڳالهائي سگهي، هن وقت دنيا ۾ ٿيندڙ مهانگائي جو سڀ کان گهٽ اثر پاڪستان تي پيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي شروعات 7 عروج جي دوران به پنهنجي ع??ام کي اڪيلو نه ڇڏيو. هن چيو ته ماضي ۾ عوامي ريليف جا اعلان رڳو نعرن جي حد تائين ئي هئا، عملي طور تي پنهنجا ئي کيسا ڀريا ويا. مملڪتي وزير چيو ته اڄ ملڪ جي اندر جيڪا به مهانگائي، ??يروزگاري آهي ان جي ذميوار (ن) ليگ آهي، ??قيقت ۾ (ن) ليگ نيب کان اهڙو اين آر او چاهي ٿي جنهن ۾ انهن جا سمورا ڪيسز هڪدم ختم ٿي وڃن. هن چيو ته (ن) ليگ 2013ع کان 2018ع جي وچ ۾ ملڪ جي هر اداري کي مفلوج ڪيو، انهن جي ترجيح ڪرپشن، ڪميشن، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس هئي، 1998ع کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪارنامن جي ڪري ڪيترائي ڀيرا ملڪ ڊيفالٽ تائين پهچي ويو. فرخ حبيب سوال اٿاريو ته آءِ ايم ايف وٽ سڀ کان اڳ ڪير ??يو ۽ ڇو ان جي ضرورت پئي.
(ن) ليگ ڪوڙ ۽ الزام بازي جي سياست ڪري رهي آهي، هن وقت دنيا ۾ ڏهاڪي جي سڀ کان وڌيڪ مهانگائي آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : números dupla sena