اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاه?? محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي ??زي?? سامح حسن شڪري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت ??هم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاه?? محمود قريشي او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ پاڪستان اچڻ تي مصري پرڏيهي ??زي?? جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي ??زي??ن واري ڪائونسل جو اجلاس اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن پاڪستان پنهنجي قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيو آهي. مخدوم شاه?? محمود قريشي وڌيڪ چيو ته مصر خطي جو هڪ ??هم ڀائر ملڪ آهي. هن چيو ته مصري صدر عبدالفتاح السيسي جي قابل قيادت ۾ مصر جو سياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف سفر خوشي جوڳو آهي. مخدوم شاه?? محمود قريشي چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ ثقافتي وابستگين جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن جي حوالي سان موقف ۾ هم آهنگي اطمينان جو سبب آهي. مصر جي پرڏيهي ??زي?? سامح حسن شڪري شاندار استقبال ۽ پرخلوص ميزباني تي پرڏيهي ??زي?? مخدوم شاه?? محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان جمهوريه مصر جي پرڏيهي وزير سامح حسن شڪري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria