گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم جي حربا ۽ ظلم ۽ ??ار??يت آڏو ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قومن جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهواسين ??ي آباد ڪري ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير ??ڪر??ر جو حل ??ڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب منصفاڻو حل ??ڍڻو پوندو.
اسان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا: امجد حسين ايڊووڪيٽ
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن