اسل??م آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??ڌر??ئي موجب صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 تحت ڏني آهي. سزائن ۾ گهٽتائي سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ سزا يافته قيدين تي لاڳو نه هوندي. قتل، جاسوسي ۽ رياست مخالف سرگرمين، زنا، چوري، ڦر، اغوا ۽ دهشتگردي ۾ سزا يافته ڏوهارين تي سزائن ۾ گهٽتائي جو فيصلو لاڳو نه هوندو. اهڙ?? طرح مالي ڏوهن ۽ قومي ??زا??ي کي نقصان پهچائيندڙ ڏوهارين جي سزائن ۾ به گهٽتائي نه ٿيندي. ايوان صدر جي ??ڌر??ئي موجب 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي مرد قيدي جيڪي پنهنجي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽ?? چڪا آهن ۽ 60 سالن کان وڌيڪ عمر جُون قيدي عورتُون جيڪي قيد جو ٽيون حصو ڪاٽ?? چڪيون آهن انهن تي سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي. اهڙ?? طرح 18 سالن کان گهٽ عمر جا ماڻهو جيڪي پنهنجي سزا جو ٽيون حصو ڪاٽ?? چڪا آهن انهن تي به سزا ۾ گهٽتائي لاڳو هوندي.
صدر پاران عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ 90 ڏينهن جي گهٽتائي جي منظوري
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena