ثمرقند – 13– اپريل (اي پ?? پي) پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ايران جي پر??يه?? وزير حسين امير عبداللهيان سان ازبڪستان جي شهر ثمرقند ۾ ملاقات ڪئي. پر??يه?? آفيس موجب اها ملاقات افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي پر??يه?? وزيرن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ٿي. پر??يه?? معاملن واري مملڪتي وزير ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي ج?? سمورن شعبن خاص طور تي واپار ۽ معيشت، توانائي، سلامتي ۽ علائقائي رابطن ۾ پاڪستان ۽ ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي وزيرن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون ۾ وسيع گنجائش موجود آهي. هن مختلف اداراجاتي مڪينزم جي ذريعي نئين شعبن جي نشاندهي ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. هن پولان – گبد/ گوادر بجلي ٽرانسميشن لائين کي مڪمل ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو جيڪا ٻنهي ملڪن جي سرحدي علائقي ج?? توانائي ج?? ضرورتن کي پ??رو ڪندي. مملڪتي وزير حنا رباني کر سرحدي علائقي ج?? ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اضافي ج?? لاءِ سرحدي بازارن کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ ايران جي پر??يه?? وزير حسين امير عبداللهيان ۽ مملڪتي وزير حنا رباني کر افغانستان سميت علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ايران جي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔