اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان – ايران بارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روان?? ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اڄ خميس ڏينهن مند – پشين سرحد (پاڪستان – ايران سرحد) تي ايراني صدر ابراهيم رئيسي به ايندو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪندا. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ کي روڪي سگهبو. ان کانسواءِ حڪومت وڌيڪ 5 بارڊر مارڪيٽس تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. وڌيڪ اهو ته ٻئي اڳواڻ 100 ميگاواٽ گبد- پولان بجلي جي ??را??سم??شن لائين جو افتتاح به ڪندا. گبد پولان ??را??سم??شن لائين وزيراعظم شهباز شر??ف جي ذاتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مُدي ۾ تعمير ٿي. ان ??را??سم??شن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران گهٽ لاڳت بجلي جي مجموعي پيداوار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي، جنهن سان وزيراعظم شهباز شر??ف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ جي بجلي فراهمي جو واعدو پور?? ٿيو. دوري دوران وزيراعظم ۽ ايراني صدر جي وچ ۾ غيررسمي ملاقات به ٿيندي.
وزيراعظم پاڪستان – ايران بارڊر مند – پشين ڪراسنگ پوائنٽ جي لاءِ روانو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے