اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب آذربائيجان جي گادي ??اري شهر باڪو ۾ ڌرين گهڻ رخي ۽ تاريخي لاڳاپن جو جائزو ورتو. هنن اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جو انگ وڌيڪ وڌائڻ ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موجوده اداراجاتي ميڪانزم کي بهترين طريقي سان استعمال ڪرڻ تي ات??اق ڪيو. ٻطرفي واپار کي وڌائڻ ۽ ت??انائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، افرادي ??وت، زراعت، ٽرانسپورٽ رابطن ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ات??اق ڪيو ويو. ٻئي طرف پاڪستان ۽ جار??يا جي ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿي رهيو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جار??يا جو نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌرين جي قيادت ڪري رهيا آهن. ايجنڊا ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سان گڏوگڏ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان آذربائيجان جو دورو مڪمل ڪري ورتو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار