ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي چين جي دوري دوران چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو جتي هن سنڪيانگ يونيورسٽي جو دورو ڪيو. يونيورسٽي پهچڻ تي سنڪيانگ يونيورسٽي جي صدر يائو ڪيانگ ۽ اڪيڊميا جي ميمبرن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيراعظم اسڪالرز، محققين، ??عل??مي ماهرن، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن جي هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته سندس سنڪيانگ جو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پائيدار لاڳاپن ۾ سنگ ميل جي عڪاسي ڪري ٿو. هن گڏيل امن، خوشحالي ۽ ت??قي جي لاءِ پاڪستان ۽ چين جي هر طرح جي وقت ۽ حالتن ۾ اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي حوالي سان سنڪيانگ جي اهميت کي اجاگر ڪندي قديم شاهراهه ريشم جي ذريعي سنڪيانگ سان تاريخي رابطن جو ذڪر ڪيو. سنڪيانگ ۽ گلگت بلتستان جي وچ ۾ ثقافتي ۽ ت??ريخي رابطن جي حوالي سان ذڪر ڪند?? نگران وزيراعظم بنيادي ڍانچي جي ترقي، اقتصادي هم آهنگي، واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، ??عل??مي مٽاسٽا، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سنڪيانگ سان حصيداري جي لاءِ پاڪستان جي دلچسپي جو ا??هار ڪيو. ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ ۾ شاگردن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪند?? نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ چين جي نوجوانن مان ان اميد جو ا??هار ڪيو ته اهي ايندڙ سالن ۾ ان دوستي ۽ ڀائيچاري کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا. ان کان اڳ نگران وزيراعظم کي يونيورسٽي جي هسٽري ميوزيم ۾ 99 سال پراڻي سنڪيانگ يونيورسٽي جي تاريخ بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جي خودمختيار صوبي سنڪيانگ جي گادي واري شهر ارومچي پهتو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada