ڪويت – 28 – نومبر (اي پي پي) نگر??ن وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ڪويت پهچڻ تي ڪويت جي بجلي، پاڻي ۽ قابل تجديد توانائي واري وزير ڊاڪٽر جاسم محمد عبدالله الاستاد نگر??ن وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان جو ڪويت ۾ سفير ملڪ محمد فاروق ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سفارتي عملدار پڻ موجود هئا. دوري دوران نگر??ن وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح ۽ وزيراعظم شيخ احمد النواف الاحمد الصباح سان ملاقات ڪندو. نگر??ن وزيراعظم جي ڪويت جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ معاشي تعاون جي نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن ۾ افرادي قوت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، غذائي تحفظ، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ گڏيل تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيح??ن ٿينديون.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي لاءِ ڪويت پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک