اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايڊوائيس تي 19 وزيرن جي م??رر?? ڪري ڇڏي آهي جن ۾ 18 وفاقي وزير جڏهن ته هڪ ممل??تي وزير هوندي. ڪابينا ڊويزن پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب صدر آصف ??لي زرداري آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق هڪ تحت مليل اختيار استعمال ڪندي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڊوائيس تي 13 وفاقي وزيرن جي م??رر?? ڪئي آهي. انهن وفاقي وزيرن ۾ خواجه محمد آصف، احسن ??قبال، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، چوڌري سالڪ حسين، عبدالعليم خان، ڄام ڪمال خان، انجنيئر ام??ر مقام، سردار اويس احمد خان لغاري، عطاءُ الله تارڙ، خالد مقبول صديقي، قيصر احمد شيخ ۽ ميان رياض حسين پيرزاده شامل آهن. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي سينيٽر اسحاق ڊار ۽ سينيٽر مصدق ملڪ جن جي 12 مارچ 2024ع تي سينيٽ آف پاڪستان جي ميمبرشپ ختم ٿي ويندي، آئين جي آرٽيڪل 91 جي شق (9) تحت انهن جي بطور وفاقي وز??ر م??رر?? ڪري ڇڏي آهي. صدر آرٽيڪل 92 جي شق (1) جنهن کي آرٽيڪل 91 جي شق (9) سان گڏ پڙهيو وڃي، تحت محمد اورنگزيب، احد چيما ۽ سيد محسن ??ضا نقوي کي پڻ وفاقي وز??ر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر آئين جي آرٽيڪل 92 جي شق (1) تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي وزيراعظم جي ايڊوائيس تي شيزه فاطمه خواجه کي ممل??تي وز??ر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. انهن سمورن وفاقي وزيرن ۽ ممل??تي وزير کان 11 مارچ تي صدر آصف ??لي زرداري حلف ورتو.
وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil