لاهور -23 اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ابراهيم ر??يس?? چيو آهي، ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ تاريخي، تهذيبي، مذهبي ۽ ثقافتي رسمن تي ٻڌل گهرا ناتا آهن ۽ ٻئي ملڪ علم ۽ هنر جي جديد مرڪزن ۽ فن جي علم کي هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهن. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور جي فيڪلٽي ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي ايران جي صدر چيو ته قومن جو برادري ۾ نمايان مقام حا??ل ڪرڻ لاءِ علم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جون يونيورسٽيون علم ۽ تحقيق جا مرڪز آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ مربوط حڪمت عملي سان بهتر نتيجا حا??ل ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه اقبال جي ڪلام کي ايران ۾ خاص پذ??رائي حا??ل آهي. ايران جي صدر ابراهيمي ر??يس?? چيو ته فلسطين جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جو موقف هڪ آهي. ايران جي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ توانائي سوڌو ٻين شعبن ۾ سهڪار ??ي مستقبل ۾ وڌيڪ وڌايو ويندو. هن پاڪستان ۾ پنهنجي دوري دوران مهمان نوازي ۽ خدمت کي پڻ ساراهيو.
قومن کي برادري ۾ نمايان حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم ۽ هنر، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏيڻ وقت جي اهميت ضرورت آهي: ايران جو صدر ابراهيم رئيسي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن