بيجنگ – 08 – جون (اي پي پي) مواصلات، نجڪاري ۽ سيڙپڪاري بور?? واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي چين سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اهميت رکندڙ آهي، چين جا ڪاروباري ادارا انفراسٽرڪچر، ماڊرن ايگريڪلچرل، لاجسٽڪ، سپلائي چين مارڪيٽ ۽ هيلٿ ڪيئر، ارٽيفيشل انٽيليجنس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ گڊز ۾ سيڙپڪاري ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي وزير چيني ڪاروباري سربراهن جي اجلاس ۽ بيجنگ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ شعبن ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان ٻطرفي ڪامياب سيشن دوران ڳالهائيندي ڪي??. سيڙپڪاري بور?? واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ ڪامرس واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيني عملدارن سان ڳالهيون ڪي??ن. هن چيو ته اي ڪامرس ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا موجود آهن جن مان چيني ڪاروباري ادارا فائدو کڻي سگهن ٿا. هن چيو ته انفراسٽرڪچر، ماڊرن ايگريڪلچر، لاجسٽڪ، سپلائي چين مارڪيٽ ۽ هيلٿ ڪيئر جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ٿيندي. آرٽيفيشل انٽيلي جنس، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، امپورٽ اينڊ ايڪسپورٽ گڊز تي پڻ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. سيڙپڪاري بور?? واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڙيسري هجڻ جي ناطي چين مان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري اهميت رکندڙ آهي. عبدالعليم خان چيو ته اي ڪامرس پاڪستان ئي نه سڄي دنيا ۾ بزنس جو اصل مستقبل آهي. سيڙپڪاري بور?? واري وفاقي وزير ۽ بيجنگ جي 60 سالا پراڻي سي زيڊ جي هورائي گروپ جو گڏيل اجلاس پڻ ٿيو. گروپ چيئرمين ليو يافي، جنرل مئنيجر صوفيه لي، ڊيوي ڊانگ، چن وينلونگ ۽ شي جي پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڪامرس واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ واپاري حوالن سان مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽري اڪيڊميا ريسرچ ۽ ايسٽ مئنيجمينٽ تي ٻطرفي تعاون سان ڪم ٿيندو. سيڙپڪار?? واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ٽينگشن ڊونگها آئرن اسٽيل گروپ جي ??فد سان پڻ بيجنگ ۾ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان اسٽيل ملز ۽ آئرن جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن جو جائزو ورتو. سينيئر ايڊوائزر ٽو ڊونگها گروپ چيئرمين مس لوشو وفاقي وزير عبدالعليم کي انويسٽمينٽ معاملن تي بريفنگ ڏني.
وفاقي وزير عبدالعليم خان پاران چيني عملدارن کي پاڪستان ۾ مڪمل سازگار ماحول جي خاطري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج