اسلام آباد– 21 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۽ مضبوط دوستي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق ڪيو آهي. سي ??يڪ سياسي ??ارٽين جي گڏيل مشاورتي مڪينزم (جي سي ايم) جي ٽئين اجلاس کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (آءِ ڊي سي ??ي سي) جي عالمي سعبي جي وزير ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي ميمبر ليو جيان چائو ميڊيا کي ٻڌايو ته اجلاس ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي سياسي اتفاق راءِ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جنهن چين جي وزير ليو جيان چائو سان گڏيل طور تي جي سي ايم اجلاس جي صدارت ڪئي، هن چيو ته هي پهريون موقعو آهي ته اسلام آباد جي سي ايم اجلاس جي ميزباني ڪئي آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي تازي دوري جي فوري پوءِ ان جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي وئي آهي. هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستان جي سمورين وڏين سياسي ??ارٽين کي گهرايو ويو ه?? ۽ ??ينيئر اڳواڻن جي موجودگي ??اڪ چين اقتصادي لنگهه ۽ علائقائي امن ۽ ترقي جي لاءِ مضبوط دوستي جي اهميت تي اتفاق راءِ جو مظهر آهي. هن چيو ته سياسي ??ارٽين سياسي ??يڪ منصوبن تي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪي?? ۽ ??ي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ان جي اپ گريڊيشن جي لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن ??اڪ چين لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سياسي ??ارٽين جي ڪردار جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته آءِ ڊي سي ??ي سي ??ڌيڪ بين الپارلياماني ڳالهه ٻولهه جي لاءِ 300 پاڪستاني پارليامينٽرينز کي چين گهرائيندي. اسحاق ڊار چيو ته جي سي ايم ??اڪ چين لاڳاپن سان گڏوگڏ سي ??يڪ ۾ پڻ نئين روح وڌي آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي اڳواڻن ۽ عوام جي تصور موجب ٻطرفي دوستي مضبوط کان مضبوط تر ٿيندي رهندي. چيني وزير ليو جيان چائو چيو ته چين ۽ پاڪستان سي ??يڪ جي اهميت ۽ عوام جي لاءِ ان جي فائدن تي متفق آهن. هن چيو ته عالمي چئلينجز جي پس منظر ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حصيداري انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته سياسي ??ارٽيون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهري تعاون جي لاءِ ڪوششون جاري رکنديون. ماڻهن جي وچ ۾ رابطن تي زور ڏيندي ليو جيان چائو خاص طور تي جعلي خبرن جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ بهتر تفهيم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ميڊيا رابطن ۾ اضافي جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو.
پاڪستان ۽ چين پاران مضبوط دوستي جي وراثت کي ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي تسلسل تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil