اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان جي واديءَ بيڪا ۽ بعلبڪ جي علائقن تي تازي اسرائ??لي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي جانين جو افسوسناڪ نقصان ٿيو ۽ 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهي فضائي حملا لبنان جي قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خل??ف ورزي ۽ عالمي انساني قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي سنگين خل??ف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان اتر غزه جي ماڻهن جي خل??ف اسرائ??لي جارحيت ۽ بيت الاهيا تي انڌاڌنڌ فضائي حملي جي پڻ مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 100 ک ان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا. ترجمان چيو ته مسلسل ۽ مڪمل ڇوٽ سان بنا ڪنهن وارننگ جي ڳُتيل آبادي وارن رهائشي علائقن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ انساني مصيبتن جي لاءِ اسرائ??لي نفرت جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته غزه جو گهيراءُ ۽ مسلسل اسرائ??لي حملا غزه جي اڳ کان تباهه حال عوام تي مصيبتن، تباهي ۽ وڏي انگ ۾ فوتگين جو سبب بڻجي رهيا آهن. ترجمان چيو ته اهڙي وقت ۾ جڏهن فلسطيني عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فوري ضرورت آهي، اسرائيل پاران گڏيل قومن جي فلسطيني پناهگيرن بابت ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي لاءِ وچ اوڀر ۾ امدادي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناقابل قبول ۽ ان جي اهم ڪمن کي سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ اسرائيل جي فلسطيني عوام کي غيرانساني سلوڪ بڻائڻ جي منظم مهم جو مظهر آهي. هن چيو ته اسان فلسطين ۽ لبنان ۾ دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪريون ٿا، عالمي برادري کي غزه ۾ فلسطينين جي خل??ف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم وڌائڻ گهر??ي، اسان عالمي برادري تي پڻ زور ڏيون ٿا ته اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خل??ف ڏوهن جو جوابده بڻائي. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ۽ فلسطين جي عوام کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ پ??عز?? آهي، گذريل هفتي پاڪستان انساني امداد جا وڌيڪ 2 جهاز لبنان موڪليا، هيستائين پاڪستان مان چار خصوصي ڪارگو جهاز ضروري انساني سامان سان گڏ لبنان پهچي چڪا آهن.
پاڪستان پاران لبنان جي واديءَ بيڪا ۽ بعلبڪ جي علائقن تي تازي اسرائيلي حملن جي شديد مذمت، حملن سبب عورتن ۽ ٻارن سميت شهرين جي جانين جو نقصان ٿيو، 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام