واشنگٽن-09 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان اميد ظاهر ڪئي آهي ??ه ڀارت پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير سميت اهم حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي آڇ جو مثبت جواب ڏيندو. آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعو?? خان خطي ۾ ٿيل تازي ترين اڳڀرائين جي حوالي سان آمريڪي هفتيوار ميگزين نيوز ويڪ جي آرٽيڪل ۾ آمريڪا تي زور ڏنو آهي ??ه هو شديد ڇڪتاڻ جي ور چڙهيل والاريل ڪ??مير تي وڌيڪ ڌيان ڏي. هن چيو ته اسان سدائين ڀارت سان سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو، وزيراعظم پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي آڇ ڪئي آهي، آمريڪا به پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳڻتي جي مسئلن تي سڌو سنئون ڳالهين جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي. مسعو?? خان چيو ته اسان کي اميد آهي ??ه نئين دهلي طرفان گڏيل ميل جول جو جواب ملندو. پاڪستاني سفير يوم استحصال تي ڳالهيندي خبردار ڪيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي غير قانوني الحاق سان تڪراري علائقي جي آبادي جو تناسب تبديل ڪ??ڻ جهڙا قدم خطي جي سلامتي لاءِ سنگين خطرو آهن. هن چيو ته صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي اها رڳو الحاق نه هو پر هي نئون ڊ??مي??ائيل قانون هو جنهن ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ غير مقامي رهواسين جي اچڻ جا رستا کولي ڇڏيا ۽ پنهنجي هٿياربند فوج کي ڄمون ڪشمير اندر زمين حاصل ڪ??ڻ جي اجازت ڏئي رهيو آهي، ان لاءِ هو آبادي سڃاڻپ کي تبديل ڪ??ي رهيو آهي ۽ مسلم اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪ??ڻ لاءِ ٻيهر چونڊ تڪ بنديون به ڪري رهيو آهي. پاڪستاني سفير علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺندي چيو ته افغانستان جو معاشي مستقبل ملڪ ۾ استحڪام تي آهي، هن چيو ته اسان جو گڏيل مقصد دهشتگردي کي ختم ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ آهي ??ه جيئن اسان پنهنجي اقتصادي جاگرافيائي مان فائدو کڻي سگهون، ان اقتصادي جاگرافيائي کي وڌيڪ رابطي، اقتصادي حصيداري لاءِ استعمال ڪ??ي سگهجي ۽ هر شڪل ۾ دهشتگردي ان مقصد کي حاصل ڪ??ڻ ۾ رڪاوٽ آهي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي مسعو?? خان چيو ته خطي ۾ آمريڪا جون سفارتي ڪوششون هميشه مثبت رهيون آهن، اسان کي خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ هڪ جامع نقطه نظر جي ضرورت آهي ۽ اسان ان سلسلي ۾ آمريڪا جي تعميري ڪردار جي آجيان ڪريون ٿا. پاڪستاني سفير چيو ته ٻئي ملڪ دهشتگردي جي روڪٿام، سيڪيورٽي تعاون، اقتصادي ترقي، ماحولياتي تبديلي، توانائي، صحت ۽ تعليم سميت اهم شعبن تي ڳالهين ۾ مصروف آهن. هن چين پاڪستان لاڳاپن کي هڪ اهم رشتو قرار ڏيندي چيو ته چين پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ سڌو سنئون ۽ استحڪام لاءِ اڻ سڌي طرح ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان سان گڏ اسان آمريڪا سان به ايترن ئي مضبوط لاڳاپن جا خواهشمند آهيون. پاڪستاني سفير ماڻهن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته هزارين پاڪستاني شاگرد آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪ??ڻ کانپوءِ، ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي ??هيا آهن.
اميد آهي ته ڀارت پاڪستان طرفان ڀارت جي والاريل ڪشمير سميت اهم حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين جي آڇ جو مثبت جواب ڏيندو: مسعود خان
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری