لڪسمبرگ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي ناڻي واري وزير جينيٽ ييلن چيو آهي ته سندس ملڪ هڪ ئي وقت ٻن محاذن تي جاري جنگين لاءِ مالي مدد فراهم ڪ??ڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانوي خابر?? اداري اسڪائي نيوز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته آمريڪا سمنڊ پار پنهنجي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ يوڪرين ۽ اسرائ??ل ٻنهي جي هڪٻئي سان مدد ڪ??ڻ جي اهليت رکي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ سندس وٽ چڱا خاصا وسيلا موجود آهن، هن چيو ته آمريڪا يقيني طور تي اسرائيل سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ اسرائيل جي فوجي ضرورتن جي حمايت ڪ??ڻ جي سٽ سهي سگهي ٿو ۽ اسان روس خلاف ان جي جدوجهد ۾ يوڪرين جي حمايت به ڪري سگهون ٿا ۽ ضرور ڪنداسين، تنهن هوندي به وچ اوڀر ۾ هڪ هڪ وڏي جنگ جي امڪاني معاشي اثرن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ هن وقت ممڪن ناهي، آمريڪي ناڻي واري وزير چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ يوڪرين ٻنهي لاءِ فنڊ گڏ ڪ??ڻ جي ضرورت آهي، آمريڪ?? پرڏيهي کاتي جي انسپيڪٽر جنرل جي آفيس موجب آمريڪا پهرين ئي يوڪرين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 113 ملين ڊالرن جي امداد جي منظوري ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته آمريڪي شهرين ۾ يوڪرين جي فوجي امداد لاءِ آمريڪي فنڊن جي فراهمي جي مخالفت ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.
آمريڪا وٽ يوڪرين ۽ اسرائيل جي مدد لاءِ مالي وسيلا موجود آهن: آمريڪي ناڻي وارو وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج