واشنگٽن -24 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي، ته غ??ه ۾ جنگ بندي بابت ڳالهيون رڳو ان صورت ۾ ٿي سگهن ٿيون جڏهن حماس سمورن اسرائيل جي يرغمالين کي آزاد ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق وائيٽ هائوس جي هڪ تقريب ۾ جوبائيڊن کان پڇ??و ويو ته هو يرغمالين لاءِ جنگ بندي جي معاهدي جي حمايت ڪندو؟ جنهن تي هن چيو ته اسان انهن يرغمالين کي آزاد ڪرائڻ چاهيون ٿا ۽ پوءِ ڳالهيون ڪيون وينديون. جوبائيڊن جو اهو بيان ان جي فورن بعد سامه??ن آيو آهي، جڏهن حماس چيو ته هنن اسرائيل مان اغوا ڪ??ل وڌيڪ ٻن عو??تن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا