نيويارڪ-30 نومبر (اي پي پي) آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن آفريقي ملڪن ۾ ح??ومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلي جي مذمت ڪئي آهي. چين جي خابرو اداري موجب هي گڏيل مذ??ت ستين اي يو – يو اين سالياني ڪانفرنس کانپوءِ جاري پڌرائي ۾ ڪئي وئي جيڪا گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ?? آفريقن يونين (اي يو) ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي مهمت جي سربراهي ۾ نيويارڪ ۾ منعقد ٿي هئي. گڏيل پڌرائي ۾ آفريقي ملڪن ۾ ح??ومتن جي وڌندڙ غير آئيني تبديلين جي مذمت ڪئي وئي ۽ برڪينا فاسو، گبون، جمهوريه گني، مالي نائجر ۽ سوڊان ۾ آئيني حڪمن جي وقت سر ۽ پرامن بحالي تي زور ڀ??يو ويو. ڪانفرنس ۾ آفريقا کنڊ ۾ امن ۽ استحڪام کي حاصل ڪرڻ لاءِ ميمبر ملڪن جي مقصدن جي حمايت لاءِ تڪرارن جي اثرائتي روڪٿام، امن قائم ڪرڻ، امن آپريشنز ۽ پائيدار ترقي جي ڪوششن جي اهميت تي به زور ڀ??يو ويو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريس ?? آفريقي يونين ڪميشن جي چيئرپرسن موسي فاڪي مهمت چيو ته جهيڙيندڙ ڌرين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو ڊگهي مدي واري جنگ بندي ڪن ۽ تڪرارن جي حل جو ڳالهين ذريعي رستو ڳولين.
آفريقي يونين ۽ گڏيل قومن پاران آفريقي ملڪن ۾ حڪومتن جي غير آئيني تبديلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ