واشنگٽن – 21 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ر??است اوڪلوهاما جي هڪ جج ڌاڙي دوران قتل جي ڏوهه ۾ 48 سالن کان قيد جوابدار کي بيگناهه قرار ڏئي بري ڪري ڇڏيو آهي. بي بي سي مطابق 70 ساله گلين سينمنز کي اوڪلوهاما ڪائونٽي ڊسٽرڪٽ جج بي ڏوهي قرار ڏيندي فيصلي ۾ چيو ته هن عدالت کي واضح ۽ اعتماد جوڳين شاه??ين مان پتو پيو آهي ته گلين سيمنز کي جنهن ڏوهه لاءِ ڏوهاري قرار ڏنو و??و هو اهو هن ڪيو ئي نه هو. هلندڙ سال هڪ جج گلين سيمنز جي ڪيس جي ٻيهر شنوائي جو حڪم ڏنو جنهن بعد جولاءِ ?? کيس آز??د ڪيو ويو. گلين سيمنز اوڪلوهاما سٽي جي پسگردائي واري علائقي ۾ شراب جي دڪان تي ڌاڙي دوران ڪيرولين سوراجرز جي قتل جي ڏوهه ۾ 48 سال هڪ مهينو ۽ 18 ڏينهن قيد ڀوڳ??و هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ