بيجنگ – 19 فيبر??ري (اي پي پي) چين آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آمريڪا ۾ دا??ل ٿيندڙ چيني شاگردن کي مبينا طور تي هراسان ڪرڻ بند ڪري. فرانسيسي خابرو اداري مطابق چين جي پبلڪ سيڪيورٽي جي وزير وانگ شيائوهانگ گذريل ڏينهن آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري اليجيندرومايورڪاس سان ويانا ۾ ملاقات دوران چيو ته آمريڪا کي ڪنهن به ظاهري سبب جي چيني شهرين کي هراسان ڪرڻ ۽ انهن جي جاچ ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي. هن آمريڪا تي زور ڏنو ته هو مل?? ۾ داخلي دوران چيني شهرين سان منصفاڻو سلوڪ ڪندي انهن جي مڪمل وقار کي يقيني بڻائي. هن آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي سيڪريٽري تي چين کي منشيات جي چرپر يا پيدا ڪندڙ وڏن مل??ن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي آمريڪي فيصلي کي درست ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. چين آمريڪا تي الزام لڳايو آهي ته صحيع سفري دستاويز رکندڙ چيني شهرين کي آمريڪي هوائي اڏن تي جارحاڻي پڇا ڳاڇا ۽ مل?? بدري جو نشانو بڻايو ويندو آهي.
آمريڪا چيني شاگردن کي هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري: چين جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت