اسلام آباد – 29 فيبروري (اي پي پي) غزه ۾ آبادي جو هڪ ڀاڱي چار حصو شديد غذائي کوٽ سبب ڏڪار جو شڪار ٿي ويو آهي. ذريعن مطابق ”هٿياربندن ۾ شهرين جي تحفظ“ جي م??ضوع هيٺ منعقد گڏيل قومن سلامتي ڪائونسل جي سيٽ ۾ غزه ۾ غذائي عدم تحفظ جي پيدا ڪيل خطرن تي بحث ڪندي اداري جي خوراڪ ۽ زراعت بابت تنظيم (ايف اي او) جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ماوريزيو مارٽينا چيو آهي ته هن وقت چڪرين سبب غزه جي عوام کي خوفناڪ سطح تي غذائي عدم تحفظ ۽ شديد پيماني تي ڏڪار جو خطرو درپيش آهي. 9 آڪٽوبر ??ان جاري اسرائيلي گهيراءُ سبب ع??ائ??ي لاءِ غذائي مصنوعات، بجلي ۽ ٻارڻ جي فراهمي يا ته مڪمل طور بند آهي يا پوءِ انتهائي محدود ٿي وئي آهي. اهو ئي نه ع??ائ??ي جو پاڻي پڻ ڪاٽيو پيو وڃي. هن چيو ته ع??ائ??ي ۾ چڪرين جي شروعات ??ان اڳ جي ڀيٽ ۾ پاڻي جي فراهمي 7 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. غزه جي خمين هيٺ پاڻي جو پڻ 97 سيڪڙو انساني استعمال لاءِ مناسب ناهي. هن چيو ته ع??ائ??ي ۾ ڏڪار جي خاتمي لاءِ چڪرين جو فوري طور خاتمو ۽ انساني امداد جي فراهمي انتهائي ضروري آهي.
غزه ۾ آبادي جو هڪ ڀاًڱي چار حصو ڏڪار جو شڪار ٿي ويو آهي: گڏيل قومن
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں