لنڊن -04 سيپٽمبر (اي پي پي ) برطانيا چيو آهي ته اسرا??يل لاءِ ملڪي دفاعي صلاحيت کي خطري ۾ نه وجهنداسين. پرڏيهي خابرو اداري موجب برطانيا طرفان اسرا??يل کي هٿيار ايسڪپورٽ ڪرڻ جي 350 لائسنسن مان 30 کي ملتوي ڪرڻ جي اعلان کان پوءِ برطانوي د??اع واري وزير اعلان جي وضاحت ڪئي آهي. برطانوي د??اع واري وزير جان هيلي طرفان هٿيارن جي لائسنس کي ملتوي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي چيو ته اسرا??يل کي پنهنجي دفاعي صلاحيت کي ڪو به خطرو نه هوندو. ??اض?? رهي ته برطانوي پرڏيهي آفيس طرفان وضاحت هڪ اهڙي وقت ۾ ڪئي وئي آهي جڏهن برطانوي حڪومت ان کان اڳ چيو هيو ته اسرا??يل کي هٿيارن جي ايسڪپورٽ جي 350 لائسنس مان 30 کي فوري طور ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڇو جو ان ڳالهه جو خطرو آهي ته اهي هٿيار عالمي انساني قانون جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ استعمال ٿي سگهن ٿا. ٻئي پاسي اسرا??يل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو برطانيا جي ان فيصلي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
اسرائيل لاءِ ملڪي دفاعي صلاحيت کي خطري ۾ نه وجهنداسين: برطانيا
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری