اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) وفاقي گهرو و??ير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پرويز مشرف جي وطن واپسي جي خاطري تي حڪومتي ادارن کي ڪارروائي کان ر??ڪي ڇڏيو آهي، 600 اي سي ايل ڪيسز ڪابينا جي منظوري لاءِ موڪليا ويا آهن، ڪالهه جمعي ڏينهن گهرو و??ارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب وفاقي گهرو و??ير احسن اقبال صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پرويز مشرف نه آيو ته خصوصي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد شروع ٿي ويندو، هن چيو ته نواز شريف خاندان ۽ اسحاق ڊار جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جو ڪيس ڪابينا ڏانهن موڪليو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي 2016ع جي فيصلي جي روشني ۾ اي سي ايل جي سمورن ڪيسن جي ڪابينا کان منظوري لازمي آهي، هن چيو ته چوڌري نثار جي دور ۾ طريقيڪار ۾ تبديلي ٿيڻي هئي جيڪا نه ڪئي وئي ۽ پراڻو طريقيڪار جاري رهيو، گهرو و??ير چيو ته چوڌري نثار جي دور جي سمورن ۽ تازن اي سي ايل جي ڪيسن ۾ منظوري ڪابينا کان ڪرائي ويندي، هن چيو ته گهرو و??ارت جا فيصلا ڪٿي ٻي جاءِ تي نٿا ٿين پر آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪيا وڃن ٿا.
پرويز مشرف وطن واپسي جي خاطري ڪرائي آهي: گهرو وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب