اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي (سي پيڪ) ۾ ٽئين حصيدار طور شامل ٿيڻ جي لاءِ سعو??ي عرب کي باقاعده دعوت ڏني وئي آهي ۽ ان حوالي سان چين کي پڻ اعتماد ۾ ورتو ويو آهي، سعو??ي عرب سي پيڪ ۾ ٽيون اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنر هوندو، سعو??ي عرب سي پيڪ ۾ سڌوسنئون سيڙپڪاري ڪندو،. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته عاشوره محرم الحرام جي موقعي تي پوري ق??م حضرت امام حسين رضه کي هديه تبرڪ پيش ڪري ٿي. هن چيو ته ڪربلا جو واقعو حق ۽ باطل جي جنگ آهي ۽ حق ۽ باطل جي جنگ قيامت تائين جاري رهندي.
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد