اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بازارن ۽ جانورن جي منڊين ۾ رش ??ان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، جيڪڏهن وڌيڪ احتياط ڪنداسين ته ان وبا کي مڪمل شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي وڊ??و پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اها حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون ??ي پاليسي ۽ شهرين پاران ڪورونا وبا ??ان بچاءُ جي ضابطن تي عملدرآمد جي ڪري ممڪن ٿي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ اضافو ٿيو. پاڪستان ۾ ان وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. 30 جون ??ان ان ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن چيو ته موسم جي صورتحال جا وبا جي شدت تي اثر پوندا پ?? پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي الله جو احسان آهي، حڪومت لاڪ ڊائون ۽ غريب جي لاءِ پاليسيون ??ختيار ڪيون. ماڻهن کي احساس پروگرام ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي ته جيئن اهي گهرن ۾ رهي ايس او پيز تي عمل ڪري سگهن، حڪومت پاران جوڙيل ايس او پيز تي عمل ذريعي تراويح نماز ۽ عبادتن جو سلسلو جاري رهيو.
حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ضابطو آڻي ورتو آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : بونانزا