اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو، رشڪئي ا??تصادي زون نه رڳو خ??برپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ايندڙ مرحلو ملڪ ۾ صنعتي ترقي کي فروغ ڏيڻ جو آ??ي، افغان امن ڳالهين جي ڪاميابي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آ??ي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشڊيائي رياستن تائين رابطا وڌندا جنهن سان پوري خ??ي ۾ خوشحالي ا??ندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رشڪئي خصوصي ا??تصادي زون جي ترقي جي لاءِ معاهدي تي صحيحون ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم معاهدي جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ صنعتي ترقي جي حوالي سان اهو قدم خوش آئنده آ??ي، سي پيڪ تحت فيصل آباد کانپوءِ رشڪئي ٻيو خصوصي ا??تصادي زون هوندو، سي پيڪ منصوبو هاڻي رڳو مواصلات تائين محدود ناهي رهيو. هن خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي معاهدو خ??برپختونخواهه جي ترقي جي حوالي سان هڪ وڏو سنگ ميل ثابت ٿيندو، رشڪئي ا??تصادي زون نه رڳو خ??برپختونخواهه پر پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ان سان صنعت کي هٿي ملندي ۽ مقامي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، اسان چاهيون ٿا ته خيبرپختونخواهه ۾ رهي ماڻهن کي نوڪريون ملن. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي قبائلي علائقن جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان انهن جي لاءِ به ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا.
رشڪئي اقتصادي زون نه پوري ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری