پشاور – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي، ترقياتي منصوبن کي ج??د مڪمل ڪيو وڃي. هن اها هدايت اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، وڏي وزير محمود خان، ناڻي واري صوبائي وزير تيمور سليم جهڳڙا، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي وزيرن ڊاڪٽر عبدالحفيظ ش??خ، اسد عمر، عمر ايوب خان، فيصل واوڊا ۽ خاص معاون ??اب?? گوهر شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي خيبرپختونخواهه صوبي کي وفاق پاران بجلي آمدني ج?? مد ۾ پن بجلي ج?? نج منافعي ۽ قبائلي ضلعن جي لاءِ مخصوص ترقياتي پئڪيج تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ترقياتي منصوبن بشمول صحت، تعليم، انفراسٽرڪچر ۽ بين منصوبن تي هيستائين 50 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آ??ن. وزيراعظم صوبائي حڪومت کي هدايت ڪئي ته قبائلي ضلعن جي ترقي کي اولين ترجيح ڏ??ي وڃي ۽ ترقياتي منصوبن کي ج??د مڪمل ڪيو وڃي.
قبائلي ضلعن جي ترقي حڪومت جي ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر