اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماض?? ۾ ??ثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن تي ا??ڀر??ئي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊلپمينٽ اٿارٽي وزيراعظم کي راوي سٽ?? ۾ ??يندڙ ا??ڀر??ئي، خاص طور تي بڊنگ جي آغاز، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لائحه عمل، زمين حاصل ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن تي اڪلائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، راوي سٽي ج?? مختلف زونز جي ڊولپمينٽ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي منصوبي ۾ گهري دلچسپي، خاص طور تي اڄ راوي سٽي جي هڪ زون جي لاءِ 5 مشهور س??ڙپڪار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊولپمينٽ لاءِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو ويو. اجلاس کي راوي سٽ?? ۾ ??يڪنالاجي زون ۽ نالج سٽي جي زونز جي ڊولپمينٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سهڪار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي حوالي سان ٿيندڙ شروعاتي ا??ڀر??ئي، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ اوٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاصل ڪرڻ ۾ زمين مالڪن کي مناسب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائتي ا??ڀر??ئي، گرين ايرياز جي قيام کي يقيني بڻائڻ ۽ مشهور يونيورسٽين سان راوي اربن ڊولپمينٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لاءِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
راوي سٽي منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن