اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن، 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀني کان گهٽ آهن، يا ته ٽن سالن ۾ تيل جا کوهه نڪري اچن ها ٻي صورت ۾ ظاهر آهي ته جڏهن تيل ٻاهران خريد ڪرڻو آهي ته قيمتون وڌنديون، اهو ئي ا??ول باقي آمدني واپار لاء?? آهي، چوڌري فواد حسين چيو ته اصل ڪاميابي اها آهي ته 75 سيڪڙو آبادي جي آمدني ۾ به خاطر ??واه اضافو ٿيو آهي، و??اقي وزير چيو ته پاڪستان جي خريداري جي قوت هندستان کان بهتر آهي، پگها??دا?? طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، جنهن کي 11 سئو ارب روپيا اضافي آمدني ٿي، هن چيو ته تعميرات ۽ انڊسٽريز سان لاڳاپيل ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو. مستري ۽ مزدور جي ڏيهاڙي ٽيڻ تي وڌي.
ملڪ ۾ تيل جون قيمتون هاڻي به خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔