اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو عزم اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لا??ِ پاليسين جو تسلسل لا??مي عنصر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اربع تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبن تي اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، علي زيدي، حماد اظهر، وزيراعظم جو ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت تري??، واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سي پيڪ جي باري ۾ وزيراعطم جو خاص مددگار خالد منصور ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور اجلاس ۾ سي پيڪ بابت منصوبن تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران چيو ته سي پيڪ منصوبن تي ڪم مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو وڃي، پاڪستا?? ۽ ??ين جي دوستي آزمايل آهي، حڪومت سي پيڪ منصوبن کي عملي شڪل ڏيڻ ۽ ان تي عملدرآمد کي انتهائي ترجيح ڏيندي آهي، هن چيو ته ملڪي مفاد جي وڌ کان وڌ حاصل لا??ِ ڊگهي مدي واري منصوبن لا??ِ پاليسين جو تسلسل ضروري آهي، هن چيو ته حڪومت سي پيڪ معاهدن تي عملدرآمد لا??ِ پرعزم آهي.
ملڪي مفاد ۾ ڊگهي مدي واري منصوبن لاءِ پاليسين جو تسلسل لازمي عنصر آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena