اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ۾ ملڪ کي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي ??اءِ کنيل قدمن ۽ پاڪ افغان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاه?? ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ قومي، پارلياماني ۽ سياسي قيادت، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ م??مب??ن ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران ملڪي سلامتي جي ??جموعي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ملڪ جي داخلي ۽ پرڏيهي سطح تي لاحق خطرن ۽ ان جي تدارڪ جي ??اءِ قومي سلامتي جي ذميوار ادارن پاران کنيل قدمن کان آگاه?? ڪيو ويو. اجلاس کي پاڪستان افغانستان سرحد تي انتظامي معاملن بابت آگاه?? ڪيو ويو. اجلاس کي آگاه?? ڪيو ويو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي ??اءِ انتهائي ذميواراڻو ۽ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. ان اميد جو اظهار ڪيو ويو ته افغانستان جي سرزمين ??ي پاڪستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏنو ويندو، اجلاس ۾ قرار ڏنو ويو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪوششن ۽ قربانين ??ي دنيا تسليم ڪيو، پاڪستاني قوم ۽ پاڪستاني فوج جي بي مثال قربانين جي ڪري سڄي ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي ??اپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اڄ پاڪستان جي ڪنهن حصي ۾ به منظم دهشتگردي جو ڪو به ڍانچو باقي ناهي رهيو، اجلاس ?? شرڪت ڪندڙن کي ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ ڳالهين جي باري ۾ به تفصيل سان آگاه?? ڪيو ويو. اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان باخبر ڪيو ويو جنهن ۾ ڳالهين جو اهو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان دوران ٿيندڙ دورن تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته افغانستان جي حڪومت جي سهولتڪاري سان ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو عمل جاري آهي جنهن ۾ حڪومتي قيادت ۾ سول ۽ فوجي ??مائندن تي مشتمل ڪميٽي نمائندگي ڪندي آئين پاڪستان جي دائري ۾ ڳالهيون ڪري رهي آهي جنهن تي حتمي فيصلو آئين پاڪستان جي روشني ۾ پارليامينٽ جي ??نظوري، مستقبل لاءِ فراهم ڪيل رهنمائي ۽ اتفاق راءِ سان ڪيو ويندو، سياسي قيادت معاملن کي منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي ۽ ان ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي سان لاڳاپيل اهم اجلاس
مضمون کا ماخذ : دیگر کلیدی الفاظ