اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير شاخ جو اجلاس اسلام آباد ۾ ڪنوينر محمود احمد ساغر جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ پونڇ ۽ ??وڊ?? جي شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ??يو. ڪشمير ميديا سروس موجب ڀارتي فوجين 2 آگسٽ 1998ع تي پونڇ جي علائقي سيالان ۾ هڪ ئي خاندان جي 19 ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو. ڀارتي فوج جي 9 راشٽريا رائفلز ۽ ڳجهي ايجنسي ”را“ جي اهلڪارن گڏجي هڪ ئي خاندان جي 19 بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪيو جن کي اڄ تائين انصاف نه مليو. ان خاندان جو ڏوهه اهو هو ته انهن جو پٽ هڪ حريت پسند هو. انهي هفتي 25 جولاءِ تي ??وڊ?? ض??عي جي علائقي ڪوٽ??ل ۾ هڪ ئي خاندان جي 5 ماڻهن کي اڳ ۾ تشدد جو نشانو ب??اي?? ويو ۽ بعد ۾ گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو هو جن ۾ ٽي عورتون هڪ مرد ۽ هڪ ٻار شامل هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی