اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل رات خوست، هرنائي، بلوچستان ۾ دهشتگردن جي سيڪيورٽي فورسز جي چوڪيءَ تي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردن جي ڪڌن ارادن کي ناڪام بڻائيندي نائيڪ عاطف ۽ سپاهي قيوم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ ا??هن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فر??ائي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته آئون واقعي ۾ زخمي ٿيندڙ ميجر عمر جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاڳو آهيان. هن چيو ته پاڪستاني قوم ملڪ جي حفاظت ڪندي پنهنجي شهيدن جي قربانين کي ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جو ??خر آه?? ۽ ??ون سميت پوري قوم جون سموريون دعائون شهيدن ۽ ا??هن جي گهرڀاتين سان گڏ آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج