اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان کي ڪنهن اداري، ان جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ته عمران خان کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متا??ري?? طرف ڌيان ڏين. ??نه??جي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متا??ري?? هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهواسين جي مدد تي ئي قوم ۽ ميڊيا ??نه??جو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمران خان ٻوڏ متا??ري?? جي جذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متا??ري?? جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي ??نه??جي گهٽيا سياست جي لاءِ ٻ??ڏ متا??ري?? جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آهيان ان لاءِ ٻ??ڏ متا??ري?? جي مدد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متا??ري?? جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي جيڪو ??نه??جي سياست جي لاءِ شهيدن جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.
عمران خان تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste