اسلام آباد -03 نومبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته الله والا چوڪ ۾ فائرنگ جو واقعو ۽ سوچ جي شديد مذمت ڪندي پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان واقعي جي صاف شفاف جاچ لاءِ سينئر آفيسرن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، فائرنگ ڪندڙ شخص جي گرفتاري، اعترافي بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت پا??ان وزيراعظم، مون تي ۽ اداري تي الزام بنا جواز آهن، ناقص سيڪيورٽي هئڻ ۽ جوابدار جو اعترافي بيان ليڪ ٿيڻ تي پنجاب جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، جيڪڏهن هر وقت تشدد جو فصل پوکيندا ۽ مارڻ جون ڳالهيون ڪندا ته تشدد ۽ نفرت جو بيانيو وڌندو، اوهان اهو نه سمجهو ته ان جو نشانو صرف مخالف ٿيندا پر اوهان پاڻ به ان جو نشانو بڻجندا، هڪ اداري جيڪو سياسي طور تي اوهان جي ڪم نه اچي رهيو آهي، ٻيهر اقتدار تي آڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ اوهان جي سياسي خواهش کي پورو ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي ته هر معاملي ۾ ان کي گهليو وڃي ٿو، هو اداري هن ملڪ جي بقا، دفاع، سرحدن جو محافظ آهي، هن اداري خلاف اهڙي مهم جوئي ڪري رهيا آهن جيڪو دشمن ملڪ کي پسند اچي رهيو آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ سڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??ان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ شام جو الله والا چوڪ ۾ پيش آيل واقعي ۾ عم??ان خان، فيصل جاويد سميت 5 ماڻهو زخمي ۽ معظم نالي شخص مارجي ويو، ا??ان ان واقعي جي مذمت ۽ دلي افسوس جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته سياست ۾ پريس ڪانفرنس يا تقريرن جي حد تائين ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏنو وڃي ٿو، ا??ان ته ان ۾ به چاهيون ٿا ته ??ائ??تگي، عزت ۽ احترام ۽ سياسي رواداري هجي، بدقسمتي ??ان 2014ع کان هڪ اهڙي روش اختيار ڪئي وئي آهي جيڪا سياسي، احترام، راوداري، ٻين جي عزت کي نظر ۾ رکڻ بد??ان ٻين کي بيعزتو ڪرڻ تي وڌيڪ زور رهيو، اهي شيون سياسي بيانن ۽ تقريرن جي حد تائين رهن ته نامناسب آهن پر برداشت جوڳيون هجن ٿيون پر جڏهن تشدد جو عنصر شامل ٿي وڃي ته اهڙي ذهن ۽ سوچ جي ا??ان مذمت ۽ مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سميت ??ان سڀ هن واقعي تي دلي جو افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته هن واقعي ۾ پي ٽي آءِ جي ان ڪارڪن کي جنهن حملي آور کي پڪڙيو آهي ۽ پوليس ان کي فوري طور گرفتار ڪيو ان تي ان ڪارڪن ۽ پوليس جي ڪارروائي جي واکاڻ ڪريان ٿو، ائين نه ٿئي ها ته ڪجهه ماڻهن کي سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ موقعو ملي وڃي ها، هن چيو ته وزيراعظم پنجاب حڪومت کان ان واقعي جي رپورٽ طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي گهرو وزارت لکت ۾ پنجاب حڪومت کان جواب طلب ڪيو آهي. هن چيو ته گهرو وزارت پنجاب حڪومت کي اها به پڻ خاطري ڪرائي آهي ته هو ان معاملي جي جاچ لاءِ جيڪا مدد گهربل هوندي وفاق اها ڏيڻ لاءِ تيار آهي، وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کان اهو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته هن واقعي جي انڪوائري لاءِ سينئر آفيسرن تي ٻڌل جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن ان ۾ شروعاتي مرحلي ۾ ئي جاچ جو عمل شفاف ۽ مستند هجي ۽ اصل صورتحال ماڻهن جي سامهون آڻي سگهجي.هن چيو ته تشدد جي هر صورت ۽ شڪل جي ا??ان مذمت ڪريون ٿا، پاڪستان مسلم ليگ (ن) 2018ع ۾ مذهبي تعصب ??و شڪار رهي، ا??ان تي فتويٰ جاري ٿيندا رهيا، قائد محمد نواز شريف تي حملا پڻ ٿيا، ا??ان سدائين درگزر ۽ معافي کان ڪم ورتو، ان جو هاڻوڪو مثال مسجد نبوي صلي الله عليه وآله وسلم جتي وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ پڻ بي ادبي ليکي وڃي ٿي اتي سياسي جماعت جي چوڻ تي اعتراض جوڳو رويو اختيار ڪيو ويو ڪنهن عورت کي عزت نه ڏني وئي ۽ نه ئي ملڪ جي وقار کي سامهون رکيو ويو. اهڙي جملي بازي ڪئي وئي ۽ غنڊا گردي ڪئي وئي سعودي حڪومت انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري مثالي سزائون ڏنيون وزيراعظم ان دوري کانپوءِ پهريون ڀيرو سعودي عرب ويو انهن جي معافي لاءِ ش??زا??ه محمد بن سلمان کي گذارش ڪري قيد کان آزادي ڏياري جن جي چوڻ تي اعتراض جوڳو عمل ڪيو ويو، انهن ٻيهر پوئتي نه ڏٺو، گهرو وزير چيو ته اڄ جڏهن اهو واقعو ٿيو آهي ته وڊيو سڀني سامهون آهي، جن ڇلانگ لڳائي ۽ ڀڄي ويا ۽ انهن واپس اچي الزام لڳائڻ شروع ڪيا، شيرين مزاري ڪهڙي طرح ان واقعي جو الزام وزيراعظم، مون تي ۽ هڪ اداري تي لڳايو، فواد چوڌري گهرن تي حملن لاءِ اڪسايو ته ان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ان جو گهر پڻ زمين مٿان آهي، هن باهه تي اوهان پاڻ به سڙي سگهو ٿا جيڪڏهن ٻين جي گهرن تي حملا ڪندا ته اوهان جا گهر به نه بچندا، هن چيو ته اسد عمر عم??ان خان طرفان بيان ڏنو ته ان واقعي جي ذميداري گهرو وزير ۽ هڪ اداري تي لاڳو ٿئي ٿي، هن چيو ته حملي آور جي اعترافي بيان کانپوءِ اهڙا بيان بلا جواز آهن، پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۽ گجرات جو ٿاڻو آهي، اها ڳالهه جيڪا پهرين موقف طور سامهون آئي اها ڳالهه هتي ٻيهر نٿو ورجايان، هن چيو ته جڏهن قوم جي جوانن کي گمراهه ڪندا ته ان ۾ ڪجهه گمراهه اوهان خلاف پڻ ٿي سگهن ان لاءِ بنا ڪنهن جاچ ۽ شاهدين جي ان واقعي کي پنهنجي گهٽيا سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش جي ڪوشش ڪئي، ان سوچ جي به شديد لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، گهرو وزير چيو ته ان واقعي ۾ مارجي ويل معظم جا ٻار به موجود هئا، ان شخص کي ان ڀاڄ ۾ سيني تي گولي لڳي، ان جي قتل کي پڻ سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ا??ان پنهنجو حساب ڪري ڇڏيو آهي، اوهان جي گهٽيا پيغام ??ان ڪيترا ماڻهو ٻاهر نڪتا آهن ۽ ادارن خلاف نفرت اوڳاڇي آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن ان واقعي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي سامهون اچي وڃي ته سيڪيورٽي جا انتظام مناسب نه هئا، قدم کڻڻ ۾ ڪوتاهي ٿي آهي ته ان جي ذميداري پنجاب حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، هن چيو ته جوابدارن جي شروعاتي بيان جي تمام وڏي اهميت هوندي، اها وڊيو رڪارد ٿيڻ گهربي هئي، پوليس درست عمل ڪيو آهي، ميڊيا تائين نه وڃڻ گهرجي ها، شرم اچڻ گهرجي ته ان تي وزيراعظم ۽ مون کان استعيفا گهري رهيا آهن، سيڪيورٽي ناقص هجڻ ۽ جوابدار جو اعترافي بيان ليڪ ٿيڻ تي پنجاب جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته جيڪڏهن هر وقت تشدد جو فصل پوکيندا هر وقت مارڻ جون ڳالهيون ڪندا ته تشدد ۽ نفرت جو بيانو وڌندو ته اوهان اهو نه سوچيو ته ان جو نشانو مخالف ٿيندا اوهان به ان جو نشانو بڻجندا، آئين ۽ قانون جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته هن واقعي جي جيڪا مرضي آهي ايف آءِ آر ڪٽرائين، حقيقتون ۽ ثابتيون ٿابت ڪن ٿيون، حملي آور جي وڊيو کي ڪٿي کڻي ويندا، ان جوابدار کي پوليس جي مدد ??ان موقعي تان گرفتار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته هي واقعو ئي خوني لانگ مارچ هو، روزانو ڪنهن نه ڪنهن جي جان ورتي آهي، جيڪو هن واقعي ۾ زخمي ٿيا آهن انهن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فواد چوڌري جڏهن اهو چيو ته نڪرو ۽ بدلو وٺو، اها سوچ تمام خطرناڪ آهي، ان سوچ کي ختم ڪرڻ لاءِ قومي سطح تي سمورن طبقن کي گڏ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته سياسي معاملن جو هميشه گڏجي ويهي حل ڪڍڻ گهرجي، سياسي ڪارڪن طور تي ان ۾ ڪي ٻه رايا نٿا ٿي سگهن ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي هر معاملي ۾ گڏجي ويهي سوچڻ گهرجي ته ان جو حل ڇا آهي، ڇا ائين ۽ جمهوريت ۾ ان جي ڪا گنجائش آهي، هن چيو ته عم??ان خان جو بيانيو تباهي جو بيانو آهي، عدليه ۽ سمورن ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي نه ته جنهن رستي تي هو هلي رهيو آهي اهو تباهي جو آهي، هن چيو ته جڏهن ته اهڙا اجتماع جتي ماڻهو وڌيڪ هوندا ته ڪو به پرتشدد ذهن فائدو کڻي سگهي جيڪو جوابدار پڪڙيو ويو آهي ان جو پڻ بيڪ گرائونڊ سامهون اچي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عم??ان خان جي جان کي خطرو آهي ان ڳاله ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عم??ان خان کان پوري قوم کي خطرو آهي، سيڪيورٽي ادارا اڳ ئي فول پروف سيڪيورٽي ڏئي رهيا آهن ان جي سيڪيورٽي لاءِ فڪر مند آهيون، ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪي قدم کڻڻا هوندا اهي کڻنداسين، هن چيو ته ميجر جنرل فيصل پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي ??ان ادا ڪري رهيو آهي، بنا ڪنهن شاهدين جي پروپيگنڊا شروع ڪئي وڃي ٿي، هن چيو ته هن واقعي ۾ بريسٽ فائر ٿيو ۽ بعد ۾ ٻه فائر ٿيا، جنهن شخص کي لڳا حملا آور جي آڊيو وڊيو سامهون اچي چڪي آهي ان کانپوءِ سڀني جو رڪارڊ پڻ اچي چڪو آهي، هن چيو ته انڊين ميڊيا تي ٿيل پروپيگنڊا جو جواب اطلاعات واري وزارت ڀرپور انداز ۾ ڏئي رهي آهي، پاڪستاني قوم پڻ حڪومت جي موقف ??ان گڏ آهي.
فائرنگ ڪرڻ واري شخص جي گرفتاري ۽ اعترافي بيان کانپوءِ پي ٽي آءِ قيادت طرفان وزيراعظم، مون تي ۽ اداري تي الزام بي جواز آهن، ناقص سيڪيورٽي تي پنجاب جي وڏي وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي: راڻا ثناءُ الله
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil