اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان نئين چيئرمين جوائنٽ چ??فس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل سا??ر شمشاد مرزا ۽ نئين چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير ايوان صدر ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا??ر شمشاد مرزا کي جنرل جي عهدي ت?? ترقي ۽ بطور چيئرمين جوائنٽ چ??فس آف اسٽاف ڪميٽي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چيئرمين جوائنٽ چ??فس آف اسٽاف ڪميٽي جي مقرري 27 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر سيد عاصم منير کي جنرل جي عهدي ت?? ترقي ۽ ان جي چيف آف آرمي اسٽاف طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. چيف آف آرمي اسٽاف جي مقرري 29 نومبر 2022ع کان لاڳو ٿيندي. صدر کين چيئرمين جوائنٽ چ??فس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف طور سندن ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز