اسلا?? آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏي??ي وزير انٽوني جي بلنڪن سان پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي ۽ متاثر علائقن جي بحالي سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏي??ي وزيرن گذريل ڏينهن ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻطرفن لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بيان موجب ٻنهي طرفن ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت انداز تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ وسيع البنياد ايجنڊا تي عمل پيرا ٿيڻ جي گڏيل خواهشن کي ورجايو. پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ بوڏ کانپوءِ 97 ملين ڊالر جي انساني امداد ??راهم ڪرڻ تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن آمريڪي پرڏي??ي وزير انٽوني جي بلنڪن کي پاڪستان پاران بحالي ۽ متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن آمريڪي پرڏي??ي وزير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس بابت پڻ آگاهه ڪيو. آمريڪي پرڏي??ي وزير ان موقعي تي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چئلينج کي منهن ڏيڻ ۾ آمريڪي انتظاميا جي مسلسل حمايت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني جي بلنڪن سان خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج